جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو، اسان کي شرم اچڻ گھرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ عورتن جي ڪم ڪرڻ واري هنڌن تي هيسائڻ جي قانون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عورتن کي هيسائڻ جي معاملن واري وفاقي محتسب ياسمين عباسي پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کي توهين عدالت نوٽيس جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس عظمت سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ صوبائي حڪومتن کان قانون جي تشريح جي حوالي سان جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس عظمت سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي. اٽارني جنرل ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل عالمي قانون سان عدالت کي قانوني مدد فراهم ڪري. عدالت عورتن کي ڪم ڪرڻ واري هنڌن تي نه هيسائڻ واري قانون کي مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهو قانون جي تشريح جو معاملو آهي. صوبن کي ٻڌڻ گھڻو ضروري آهي.جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪڏهن عورتن کي هيسائجڻ کان نٿا بچائي سگھو ٿي اسان کي شرم اچڻ گھرجي. قانون اهڙا بڻايا وڃن ته جيئن عورتون شڪايتون داخل ڪرائي سگھن. هراسمنٽ واري وفاقي محتسب عورت ڪشمالا طارق چيو ته سنڌ ۾ شڪايتون زيرو آهي. جسٽس عظمنت سعيد چيو ته ماڻهو ان معاملي ۾ ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن. جيڪڏهن شڪايت ناهي ايندي ته ان جو مطلب اهو آهي ته مسئلو نه آهي. مسئلو اهو آهي ته توهان عورتن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو.هن چيو ته ان قانون کي اهڙي ريت ٺاهيو وڃي جيئن عورتون پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگھن. صوبائي حڪومتون عورتن جي هراسمنٽ واري قانون ۾ ترميم نه ڪن ته سٺو آهي ۽ جيڪڏهن ترميم ڪرڻي آهي ته ان قانون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب موقف اختيار ڪيو ته پنجاب حڪومت ان قانون کي ڪمزور نه ڪندي. ڪشمالا طارق درخواست ڪئي ته سڀني صوبن مان عورتن جي کي هيسائڻ جا انگ اکر گھرايا وڃڻ.سپريم ڪورٽ ٻڌڻي مارچ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عورتن جي هراسمنٽ واري اڳوڻي وفاقي محتسب ياسمين عباسي لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس منصور علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا هئا.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *