جيڪڏهن سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس:شاهد آفريدي

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي سلمان بٽ جي قومي ٽيم ۾ شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا،سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن سلمان بٽ کي قومي ٽيم ۾ کيڏايو ويو ته نه ٽيم جو حصو هوندس ۽ نه ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪندس.اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ مُک ڪردار رهندڙ اڳوڻي ڪپتان سلمان بٽ کي ٻيهر ٽيم شامل ڪرڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،جنهن سلسلي ۾ پي سي بي اڳوڻن رانديگرن ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سان ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن،پر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد افريدي سلمان بٽ جي واپسي جي مخالفت ڪري ڇڏي  آهي ۽ چيو آهي ته هي اهو ئي سلمان بٽ آهي،جنهن محمد عامر کي جواري بڻائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ملڪ جي بدنامي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،جيڪڏهن سلمان بٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي ته مان نه رڳو ڪپتاني ڇڏيندس،پر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو حصو نه ٿيندس، ان لاءِ منهنجي درخواست آهي پي سي بي کي ته هو سلمان بٽ جي معاملي تي سياست ڇڏي ڏين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *