جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، خواجه آصف

لاهور (بيورو) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سعودي عرب ۽ يمن جي تڪرار تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته دفاع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته يمن ۾ هزارين پاڪستاني ڪم ڪري رهيا آهن، ڪجهه پاڪستاني ڏيهه پهچي ويا آهن، ڦاٿل شهرين جي واپسي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته سعودي اختيارين قومي ايئرلائين کي نو فلائي زون ۾ اجازت ڏني، جنهن  سبب ڦاٿل پاڪستانين جي ڏيهه واپسي شروع ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته يمن جي صورتحال تي پاڪستان جي پاليسي واضح آهي، جيڪڏهن سعودي عرب جي سالميت کي خطرو ٿيو ته پاڪستان ان جو ڀرپور دفاع ڪندو. پاڻي بحران بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪستان هن وقت پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪرپشن سبب داسو ڊيم به نه ٺهيو سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *