جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج ۾ ويڇا وڌيا ته نقصان عوام کي ٿيندو: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ جا مسئلا رڳو آپريشن سان حل نه ٿيندا، ان لاءِ متبادل سياسي نظام به هجڻ گهرجي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته فوج ڪورڪمانڊرزڪانفرنس ۾ ڪارڪردگي جي ڳالهه ڪئي، جيڪا صحيح آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج ۾ ويڇا وڌيا ته نقصان عوام کي ٿيندو، هن چيو ته 68 سالن کانپوءِ به فاٽا ۾ انگريزن وارو نظام لاڳو آهي، سراج الحق اسپيڪر اياز صادق کي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته تحريڪ انصاف اسپيڪر لاءِ اسان کان ووٽ گهريو ئي نه هو، جيڪڏهن گهريو وڃي ها ته ضرور ڏيون ها، جماعت اسلامي جي امير چيو ته اياز صادق پاڻ به ووٽ گهريو ۽ سندس ساٿين به رابطو ڪيو، مان اها ڳالهه تحريڪ انصاف جي اميدوار شفقت محمود کي به ٻڌائي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *