جيڪڏهن ايم ڪيو ايم بلاول جي بيان تي عدالت وئي ته اسان به شاهدن سان گڏ لنڊن جو رخ ڪنداسين: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ الطاف حسين جي پيپلز پارٽي پاران چيئرمين بلاول ڀٽو خلاف ڏنل بيان جي ردعمل ۾ چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري الطاف حسين کي ڪابه ڌمڪي نه ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ جيڪو ڪجهه چيو اهو سچ تي ٻڌل هو. شرجيل ميمڻ چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ الطاف حسين کي ڪنهن قسم جي ڪا به وضاحت نه ڏينداسين جيڪڏهن الطاف حسين کي عدالت ۾ وڃڻ جو شوق آهي ته اهو ضرور پورو ڪري وٺي. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم يا الطاف حسين بلاول ڀٽو زرداري خلاف ڪنهن به عدالت ۾ ويو ته اسان به برطانيه جي عدالت ۾ سمورن ثبوتن سان گڏ الطاف حسين خلاف وينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *