جيڪڏهن اهڙا بارڊر هوندا ته بوڪو حرام ۽ داعش آساني سان اچي سگهن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏني وئي آهي ته طور خم ۽ چمن بارڊرز  تي افغانستان مان ايندڙ ڪنٽينرز جي چيڪنگ وارو ڪو به نظام موجود نه آهي، جسٽس دوست محمد کوسا ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن اهڙا بارڊر هوندا ته بوڪو حرام ۽ داعش آساني سان اچي سگهن. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ انساني اسمگلنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل طور خم ۽ چمن بارڊر بابت عدالتي حڪمن تي قائم ڪيل ڪميشن جي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته طور خم ۽ چمن بارڊر تي ڪا به چيڪ پوسٽ ناهي، ايف سي رڳو گشت دوران چيڪنگ ڪندي آهي. رپورٽ موجب، بارڊرز تي منشيات جي خاتمي واري اداري جو وجود ناهي، افغانستان مان ايندڙ ڪنٽينرز جي چيڪنگ جي مڪينزم جو به ڪو نظام ناهي. جسٽس دوست محمدکوسا ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن اهڙا بارڊر هوندا ته داعش ۽ بوڪو حرام آساني سان اچي سگهندا. چيف جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته چرس ۽ هٿيارن سان گڏ ٽينڪ به اسمگل ٿي رهيا آهن، 75 لک رپين جون بندوقون ڪارخانن ۽ مارڪيٽن ۾ ڊسڪائونٽ تي موجود آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس سوال ڪيو ته ڇا صدر ڪڏهن بارڊرز جو دورو ڪيو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته روزانو هزار ماڻهو چمن بارڊرز ذريعي سفر ڪندا آهن، چمن بارڊر وٽ پاڪ-افغان جا 10 سرحدي رستا ۽ 7 ڳوٺ موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *