جيڪڏهن اعتماد جوڳا جواب نه مليا ته سوال وڌندا ويندا: اعتزاز احسن

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته اڄ باضابطا بور تي پنهنجا 7 سوال اسپيڪر کي پيش ڪيا آهن، جيڪڏهن اعتماد جوڳا جواب نه مليا ته پوءِ سوال وڌندا ويندا، خابرو ادارن موجب اپوزيشن پارٽين جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي پارليمينٽ ۾ اچڻ جا منتظر ۽ صحيح جواب ٻڌڻ چاهيون ٿا، اسيمبلي ميمبر وزير اعظم کان وڌيڪ سوال به ڪري سگهن ٿا، سندس چوڻ هو ته چار غير سنجيدا ماڻهو آيا هئا ۽ اسان جي سوالن جو مختصر جواب ڏئي ويا، سوالن جا جواب ۽ حساب وزير اعظم کي ڏيڻو پوندو، وزير اعظم جي ٽن ٻارن جا نالا پاناما پيپرز ۾ آيا آهن ۽ انهن جون ڪمپنين مٿان ڪمپنيون نڪري رهيون آهن، اعتزاز احسن چيو ته ڪميشن ۾ 7 نه پر 700 سوال ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *