جيڪي اوهان سان گڏ آهن اهي محب وطن ، ٻيا غدار آهن، ڇا توهان ملڪ جا ماما آهيو؟ عليم خان جي عمران خان تي نقيد

لاهور(م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي منحرف اڳواڻ عليم خان عمران خان کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته 183 ميمبرن مان توهان کي ڪوبه پسند نه آيو، توهان جنهن کي پنجاب جو سڀ کان وڏو ڊاڪو چوندا هئا، ان کي چئو ٿا ته 183 ووٽ ڏجن، عليم خان چيو ته اسان ته غدار ٿي ويا آهيون، چيما ۽ سالڪ کي به غدار چئو، هنن پئسا ورتا آهن، عليم خان تي الزام هڻو ته سهي ته هن پيسا ورتا آهن، مونکي توهان تي ۽ انهن ماڻهن تي افسوس ٿو ٿئي جيڪي الزام لڳائين ٿا، 2010 کان 2018 تائين منهنجو ڏاڍو ڏکيو وقت گذريو آهي، عمران خان کي مخاطب ٿيندي عليم خان چيو ته آمريڪي سفير سان توهان جي گهر ملاقات ٿي، ڇا اها غداري هئي؟ جيڪڏهن توهان کي اسيمبلي ٽوڙڻي هئي ته پهرين ٽوڙي ڇڏيو ها، مان قوم جي سامهون چئي رهيو آهيان ته ووٽ جي 2 ڏينهن کانپوءِ استعيفيٰ ڏيندس.، عليم خان وڌيڪ چيو ته اوهان جهانگير ترين جي ڌيئرن خلاف پرچا ڪٽيا، اوهان کي پنهنجي وفادار دوست کي جيل ۾ وجهڻ تي شرم نه ٿو اچي، اوهان کي عثمان بوزدار جي هڪ هڪ ڪرپشن بابت ٻڌايو ويو آهي، جيڪي اوهان سان گڏ آهن اهي محب وطن آهن، ٻيا غدار آهن، ڇا توهان ملڪ جا ماما آهيو؟، عليم خان چيو ته فرح بي بي تمام گهڻي رشوت ورتي، منهنجي ذريعن ٻڌايو آهي ته هوءَ ڀڄي وئي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *