جيڪو پي ڊي ايم ۾ نٿو رهڻ چاهي ته انهن جو پنهنجو رستو آهي: شاھد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪا جماعت پي ڊي ايم ۾ نٿي رهڻ چاهي، ان جو رستو پنهنجو ۽ اسان جو پنهنجو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ٻن سالن کان پيش ٿي رهيو آهيان پر ڪجهه ثابت ناهي ٿيو، جڏهن ته 600 اربن جي کنڊ ۾ عوام جو پئسو چوري ٿي چڪو، هر شئي مهانگي ٿي رهي آهي ۽ حڪومت ڪجهه نٿي ڪري، توهان خلاف هڪ لک 41 هزار ووٽ پيا آهن. هن چيو ته اهو تماشو ائين ئي هلندو ۽ نيب سميت ڪنهن کي ملڪ ۾ ڪرپشن نظر ناهي ايندي، کنڊ اسڪينڊل سان 600 ارب رپيا چوري ٿيا، براڊ شيٽ ڪميشن ڪنهن کي نامزد نه ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم سوال ڪيو ته ڇا اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مردم شماري آهي؟ مهانگائي وڌي وئي آهي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن احتساب ڪندڙن جو احتساب ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *