جيڪو پاڻ هر فيصلي جي لاءِ ڪنهن جي اشارن جو منتظر هجي، اُهو اسان کي ڇا اين آر او ڏيندو:مريم نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز سياسي حريف وزير اعظم عمران خان جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو آهي ته جيڪو پاڻ هر فيصلي جي لاءِ ڪنهن جي اشارن جو منتظر هجي، اُهو اسان کي ڇا اين آر او ڏيندو.  لاهور ۾ يوم تڪبير جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ مريم نواز چيو ته ملڪ ۽ قوم جو محسن ۽ دنيا جي نقشي تي پاڪستان کي ايٽمني ملڪ بڻائيندڙ اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف ڪوٽ لکپ جيل ۾ قيد آهي . سندس چوڻ هو ته نالائق اعظم جي ڪوڙي حڪومت آهي ان ڪري پرڏيهي سربراهه دورا ناهن ڪندا. مريم نواز چيو ته اسان اين آر او ناهي گهريو پر جيڪو هر ڳالهه تي ڪنهن جي اشاري جو منتظر هجي اُهو ڪنهن کي ڇا اين آر او ڏيندو. ليگي نائب صدر چيو ته عمران خان ملڪ کي 6 ارب ڊالر جي عيوض عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ ذخيرا، اسٽاڪ مارڪيٽ، روپي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ مهانگائي ۾ بي انتها واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف 28 مئي 1998ع ۾ ڌماڪا ڪري پاڪستان کي دفاعي محاذ اڻٽٽ بڻائي ڇڏيو ۽ آمريڪا طرفان 5 ارب ڊالر جي آڇ رد ڪري ڇڏي. هن چيو ته نواز شريف جي جرعتمنداڻي فيصلي سان قوم جي تقدير هميشه جي لاءِ بدلجي وئي. مريم نواز چيو ته نوازشريف رد الفساد ۾ وزير اعظم طور سيڪيورٽي فورسز سان گڏ هو، هي ڪهڙي جمهوري حڪومت آهي جنهن سيڪيورٽي ادارن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف بيمار آهي پر ملڪ ۽ قوم جي ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ موجود آهي. مسلم ليگ ن جي نائب صدر جو چوڻ هو ته اڄ ڀارتي وزير اعظم، عمران خان جي فون ناهي کڻي رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *