جيڪب آباد ۾ ڌماڪي کانپوءِ ايس ايس پي ۽ ڊي سي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف شيعا تنظيمن ڊي سي چوڪ تي ٻيهر ڌرڻو شروع

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ڌماڪي کانپوءِ ايس ايس پي ۽ ڊي سي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ خلاف شيعا تنظيمن ڊي سي چوڪ تي ٻيهر ڌرڻو شروع ڪري ڇڏيو آهي، چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. شيعا تنظيمن گذريل ڏينهن وڏي وزير قائم علي شاهه سان ڳالهين ۾ ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر خلاف فوري طور تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو، جن خلاف ڪارروائي لاءِ وڏي وزير شيعا اڳواڻن کي خاطري ڪرائي هئي. ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ کانپوءِ شيعا تنظيمن طرفان فتح علي جعفري جي اڳواڻي ۾ ڊي سي چوڪ تي تعزيتي ميڙاڪي کانپوءِ ٻيهر ڌرڻو هنيو ويو آهي، جنهن ۾ شهرين سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل آهن. هوڏانهن جيڪب آباد ۾ ماتمي جلوس دوران ٿيل آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل ٻن ٻارڙن 12 ورهين جي علي رضا مغل ڪوئيٽا روڊ ۽ 10 ورهين جي اويس پنهور جي اسٽيشن روڊ تي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي سماجي ڌرين سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي، چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، ڪاروباري مرڪز بند آهن، جڏهن ته ٽرئفڪ پڻ معمول کان گهٽ آهي. هوڏانهن، سانحي ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، جتي پ پ اڳواڻ اعجاز جکراڻي، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ ٻين پهچي شهيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *