جيڪب آباد ۾ مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر، 2 مسافر فوت، 3 عورتن سميت 5 زخمي

جيڪب آباد (اين اين آءِ) جيڪب آباد ۾ مسافر ڪوچ ۾ مزدا وچ ۾ ٽڪر، 2 مسافر فوت، 3 عورتن سميت 5 زخمي ٿي پيا، تفصيل موجب جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي زيرو پوائنٽ وٽ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات صادق آباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ مزدا وچ ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٺل جو رهواسي مکڻو ۽ ڪوئيٽا جو رهواسي محمد مسلم ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 عورتن سميت 5 ڄڻا مسمات صادقه بي بي، مسمات نيهالي، مسمات جڳل، طالب ۽ ٻيا زخمي ٿيا، اطلاع تي پوليس پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جتي ٻن زخمي عورتن مسمات صادقه بي بي ۽ مسمات جڳل جي حالت نازڪ هئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، حادثي ۾ فوتي مسافرن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *