جيڪب آباد ۾ عدالت پيشي تي ايندڙ مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل، سندس والد سخت زخمي

جيڪب آباد (م.ڊ) جيڪب آباد ۾ عدالت پيشي تي ايندڙ مٿان هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل ٿي ويو، سندس والد شديد زخمي، جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد سول ڪورٽ جي مک درَ وٽ موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن حاضري تي ايندڙ ڳوٺ مٺل ڪوٽ جي رھواسين تي انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورھين محمد عرس ڪوريجو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته پيرسن شعبان شديد زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، پيرسن کي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، واقعي کانپوءِ عدالت ٻاھران وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي، سول لائن پوليس ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، پوليس موجب ھڪ جوابدار خان پٽ آچر کي پستول سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *