جيڪب آباد پوليس پاران ڏوهارين خلاف سرچ آپريشن، گهربل ڏوهاري نه ملڻ تي عيوضي ۾ 3 عورتون گرفتار

جيڪب آباد(رپورٽر)جيڪب آباد ۾ گذريل ڏينهن جيڪب آباد جي مخلتف ٿاڻن صدر، سٽي، سول لائين، ائيرپورٽ ۽ سي آءِ اي پوليس سميت مخلتف ٿاڻن جي پوليس اٽالن شهر ۾ ڦر ۽ چوري ڪندڙ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعي جي مختلف علائقن تي چڙهائي ڪئي وئي پوليس ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني کي روڪڻ لاءِ ايس ايس پي پاران ڏوهارين خلاف ڪاروائي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جنهن سلسلي ۾ ڪالهه جاڳڻ جي علائقي ميرا شاخ لڳ هڪ ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي جتي گهربل جوابدار نه ملڻ تي مارفاڻي قبيلي سان تعلق رکندڙ ٽن عورتن 50 ورهين جي مسمات ليلا، 28 ورهين جي مسمات مومل ۽ 32 ورهين جي مائي ڀائتي کي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر تي رکيو ويو آهي پوليس کي گهربل جوابدار پيش نه پوڻ تائين عورتون پوليس تحويل ۾ رکيون وينديون. هوڏانهن سي آءِ اي پوليس سميت مخلتف ٿاڻن جي پوليس سان رابطو ڪرڻ تي پوليس عورتن جي گرفتاري واري معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *