جيڪب آباد سانحو: شهيدن جي وارثن کي 20،20 لک امداد ڏيڻ جو اعلان

جيڪب آباد (ڊ ر) شيعا علماءَ ڪائونسل وڏي وزير جي خاطرين بعد جيڪب آباد ۾ شهيدن جا لاش رکي هنيل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، وڏي وزير شهيدن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک ۽ زخمين کي 10 لک توڙي نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سانحي جي شهيدن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو، جڏهن ته جاچ لاءِ 2 ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن. شيعا علماءَ ڪائونسل پاران جيڪب آباد سانحي جي شهيدن جا لاش ڊي سي هائوس آڏو رکي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عزادارن شرڪت ڪري انصاف لاءِ نعريبازي ڪئي ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه شيعا اڳواڻن کي ڊي سي هائوس طلب ڪري ڳالهيون ڪيون ۽ کين انصاف توڙي سمورا مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي،جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ڳالهين بعد بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جيڪب آباد سانحي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک رپيا ۽ معذور ٿي ويل زخمين کي 10 لک ۽ نوڪري ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. سيد قائم علي شاهه واضح ڪيو ته سانحي جو ڪيس شيعا عالمن جي مرضي موجب داخل ڪرائي جاچ ۾ غير ذميواري ثابت ٿيڻ تي ملوث پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي،دهشتگردن کي ڪنهن به ريت نه بخشيو ويندو. ان موقعي تي علامه مقصود ڊومڪي ڳالهائيندي ٻڌايو ته وڏي وزير اليڪشن ڪميشن جي اجازت سان ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال کي هٽائڻ جي خاطري ڪرائي آهي،جنهن بعد هنن ڌرڻو ختم ڪيو هن چتاءُ ڏنو ته ايس ايس پي سميت ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري مطالبا نه مڃيا ويا ته هو ٻيهر ڌرڻو هڻندا. ٻئي طرف جيڪب آباد سانحي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن بعد شهيدن جو انگ وڌي 25 ٿي ويو،جڏهن ته زخمين جو سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد جي اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، جن مان 14 جي حالت لاڳيتو ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي سول اسپتال جيڪب آباد ۾ زخمين کي علاج جي سهولتن جي فراهمي ۾ غفلت تي ايم ايس الطاف وڳڻ کي هٽايو ويو آهي هوڏانهن واقعي جِي جاچ لاءِ سنڌ پوليس ۽ فرانزڪ ڊويزن تي ٻڌل 2 ڌار ڌار ٽيمون جوڙي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سائين رکئي ميراڻي کي سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي سنڌ پوليس پاران جوڙيل جاچ ٽيم ۾ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا ايس ايس پيز توڙي ايس ايس پي اسپيشل برانچ شامل آهن، جڏهن ته فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن کي ڳجهو رکيو ويو آهي فرانزڪ ڊويزن آف سنڌ ۽ پوليس پاران جوڙيل ٽيمون جيڪب آباد ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جا سبب ۽ ماتمي جلوس جي سڪيورٽي ۾ ٿيل ڪوتاهين جو جائزو وٺنديون. ٻئي ڪميٽيون، واقعي جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش ڪنديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *