جوڊيشل ڪميشن پاران 16 اپريل تي ٻڌڻي کليل عدالت ۾ ڪرڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد(بيورو) چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ قائم جوڊيشل ڪميشن اليڪشن 2013ع ۾ حصو وٺندڙ سياسي پارٽين ۽ عام ماڻهن سان ڌانڌلي جا شاهد 15 اپريل تائين طلب ڪري ورتا آهن عدالت جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي کليل عدالت ۾ ٿيندي چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو اجلاس ۾ ڪميشن جا ميمبر جسٽس امير هاني مسلم ۽ جسٽس اعجاز افضل شريڪ ٿيا ڪميشن جي پهرئين اجلاس ۾ ڪارروائي جو طريقيڪار واضه ڪندي چيف جسٽس جي سيڪريٽري حامد علي کي ڪميشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ڪميشن جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ ٻڌڻي 16 اپريل تي سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ نمبر ون ۾ کلي عدالت ۾ ٿيندي ڪميشن پهرئين مرحلي ۾ سمورين سياسي تنظمين کان تجويزون به  طلب ڪري ورتيون آهن عدال جو چوڻ آهي ته ڪوبه شخص، سياسي تنظيم يا ان جو ڪوبه وڪيل ڌانڌلي بابت الزام ۽ شاهد سيڪريٽري ڪميشن کي 15 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *