جوڊيشل ڪميشن جڙي وئي آهي، 6 هفتن اندر اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا: عمران خان

حيدرآباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي ۽ 6 هفتن اندر اڇا ڪارا سڀ پڌرا ٿي پوندا. سنڌ ۾ گهڻو وقت نه ڏئي سگهيس ڇو ته جڊيشل ڪميشن قائم ڪرائڻ واري ڪم ۾ مشغول رهيس، هاڻي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وقت ئي وقت آهي، اقتدار ۾ عوامي شرڪت تمام گهڻي ضروري آهي. هن اهڙو اظهار اربع ڏينهن حيدرآباد ۾ دانشور ذوالفقار هاليپوٽو جي رهائشگاهه  تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. عمران خان چيو ته اقتدار ۾ عوام جي شرڪت ناهي ۽ اقتدار ۾ رڳو ورهاست ٿيل آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ميدان ۾ نه اچي ها ته اهو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهي ها. هن چيو ته جڊيشل ڪميشن جي حوالي سان مصروفيتن سبب سنڌ جي عوام کان گهڻو عرصو پري رهيس پر هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي وقت ڏيندس. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو مطالبو هو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ٿين ۽ هن وقت به اسان جو ساڳيو ئي مطالبو آهي ته پوءِ ان تي مخالفت ڇو پئي ڪئي وڃي، سڀني جو مطالبو هو ته تحريڪ انصاف اسيمبليءَ ۾ واپس اچي ۽ جڏهن اسان واپس اسيمبليءَ ۾ پهتاسين ته سموريون پارٽيون اسان جي خلاف بيهي رهيون. هن چيو ته اهي سمورا ماڻهو تبديلي نٿا چاهين، پاڪستان جا مسئلا تڏهن حل ٿيندا جڏهن عوام سگهارو ٿيندو ۽ اقتدار مٿان کان هيٺئين سطح تائين منتقل ٿيندو، سڄي دنيا ۾ بهترين نظام اهو آهي جيڪو عوامي نظام آهي، ڪنهن به اولهه جي ملڪ ۾ قانون جي ڀڃڪڙي نٿي ٿئي، ڇو ته اتي حقيقي جمهوريت آهي، پاڪستان ۾ جيڪڏهن قانون جي آزادي نه هوندي، يونيورسٽين ۾ چٽاڀيٽي وارو ماحول نه هوندو ته ملڪ ۾ بهتري نه ايندي. اوهان ڏٺو هوندو ته اسان جي ڪوششن سان نمل يونيورسٽيءَ مان ميرٽ تي ڊگريون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته خيبر پختونخواه ۾ پوليس غير سياسي طور تي ڪم ڪري رهي آهي، ان لاءِ اتي پوليس ڪامياب آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي طور تي ڀرتيون ٿيل آهن، تنهن ڪري پوليس عوامي محافظ بدران عوام تي تشدد ڪري ٿي. سول سروس سياسي مداخلت سبب ڪامياب نٿي ٿي سگهي، يونيورسٽيون ۽ اسپتالون تڏهن ئي ڪامياب ٿينديون جڏهن انهن جي نگراني ٿيندي. هن چيو ته سسٽم کي بهتر بنائڻ لاءِ تحريڪ انصاف ليڊي ريڊنگ اسپتال کان سسٽم جي بهتري شروع ڪئي آهي، سنڌ ۾ به صحيح تبديلي تڏهن ئي ايندي جڏهن بلدياتي نظام وسيلي مٿان کان هيٺئين سطح تائين عوامي قيادت اڳتي ايندي. اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي 180 ارب رپيا ملن ٿا پر صوبي ۾ ڪابه ترقي نظر نٿي اچي، اهو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي، ان لاءِ ضروري آهي ته اهو پئسو هيٺئين سطح تائين پهچڻ گهرجي ۽ پوليس جي طاقت کي پڻ عوامي طاقت بڻايو وڃي، تعليم جي بهتريءَ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيسيتائين اختيار وفاق کان صوبن ۽ پوءِ صوبن کان مڪاني سطح تائين نه ملندا ملڪ ۾ تبديلي نٿي اچي سگهي. ادارن مان سياسي مداخلت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميرٽ ضروري آهي ۽ پاڪستان 1992ع ۾ به ميرٽ سبب ڪرڪيٽ جو عالمي چيمپئن بڻيو هو. پاڪستان ۾ خانداني سياست هلي رهي آهي، جڏهن ته اولهه ۾ ميرٽ تي ليڊرشپ آندي وڃي ٿي، هتي بادشاهت آهي، جمهوريت ناهي پر هتي ته بادشاهت به بهتر نموني نه پئي هلي. هن چيو ته 4 کان 5 مسلمان ملڪن کان سواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ بهتر جمهوريت ناهي. 1970ع کانسواءِ ڪي به چونڊون صاف شفاف ناهن ٿيون ۽ سمورين چونڊن تي اعتراض اُٿاريا ويا. هن چيو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي جي اها ڪاميابي آهي ته جڊيشل ڪميشن قائم ٿي وئي آهي. 2015ع چونڊن جو سال آهي، جيڪڏهن هن سال چونڊون نه به ٿيون ته جڊيشل ڪميشن قائم ٿيڻ بعد ايندڙ چونڊون صاف شفاف ضرور ٿينديون. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ شعور آهي پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ غربت جي انتها آهي، سنڌ کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ تبديليءَ جي وڌيڪ ضرورت آهي، باشعور ماڻهو، اديب ۽ دانشور گڏجي اسان جو ساٿ ڏين، سنڌ ۾ هاري طبقي جي حالت ڏسي تمام گهڻو ڏُک ٿي رهيو آهي. ڪي پي ڪي کي به بجلي ۽ گيس جو پورو حصو نه پيو ملي، جيڪو پاور ۾ اچي ٿو ته اهو پاڻ کي بادشاهه سمجهي ٿو، سمورو سسٽم خراب ٿي چڪو آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هتي سڀ تبديليءَ جي خلاف آهن، اسان ڌرڻو هنيو ته سڀ اسان جي خلاف ٿي ويا، هتي اقتدار جي وارابندي هلي رهي آهي. گذريل چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي ته پوءِ ٻُڌايو وڃي ته هيءَ اسيمبلي قانوني ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ قانون چئي ٿو ته اسيمبلي رڳو صاف شفاف چونڊن وسيلي قائم ٿي سگهي ٿي. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جهانگير ترين چيو ته تحريڪ انصاف جو پيغام جيڪو 18 سالن کان عمران خان پکيڙي رهيو آهي اهو ملڪ ۾ تبديليءَ جو پيغام آهي، اسلام آباد وارو 126 ڏينهن جو تاريخي ڌرڻو عوام جو آواز هو، جنهن ۾ تبديليءَ جو نعرو ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو، سنڌ ۾ تبديليءَ جي شديد ضرورت آهي. 40 سالن بعد پهريون ڀيرو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي گهر ۾ ان جي اميدوار آڏو چئلينج سمجهي چونڊ وڙهي رهيا آهيون. ڳوٺاڻي سنڌ ۾ عوام کي پنهنجا حق ناهن مليا، سنڌ جي ماڻهن کي تحريڪ انصاف پنهنجا حق ڏياريندي، سنڌ جي ثقافت سياسي آهي، سنڌ جو عوام سمجهدار آهي ۽ تحريڪ انصاف جو منشور پڻ هيٺاهين سطح تائين عوام کي اختيار ڏيڻ آهي، زراعت ملڪ ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿي، جنهن جي هن وقت حالت افسوسناڪ آهي، سنڌ حڪومت طرفان ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ڪرڻ باوجود ڪجهه شگرملن کانسواءِ باقي شگرملن آبادگارن کي 155 رپيا اگهه ڏنو، جنهن تي اسان احتجاج ڪندي آواز اُٿاريون ٿا. هن مطالبو ڪيو ته هاڻي ڪڻڪ جي مند آهي ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جو صحيح اگهه ڏنو وڃي، ملڪ مان ڪڻڪ جون ٻوريون وڪرو ڪرڻ وارو رجحان ختم ڪنداسين. ان موقعي تي خاوند بخش جهيجو، نادر اڪمل لغاري، هاشم لغاري، رجب ميمڻ، ارباب احسان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ عمران خان ڀٽ شاهه پهچي ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه سان سندس والد نثار حسين شاهه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، بعد ۾ لطيف سرڪار جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري ۽ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن منجهند جو پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جڏهن حيدرآباد ايئرپورٽ پهتو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ بدنظمي پڻ ٿي پئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *