جوائنٽ پارليامينٽ ڪميشن ٺاهي سڀني معاملن جي جاچ ڪرائي وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ جاري آهي، اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه وزيراعظم کي ايوان ۾ گھرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي ايوان ۾ اچڻ گھرجي، سڀني معاملن جي جاچ جي لاءِ جوائنٽ پارليامينٽ ڪميشن ٺاهي وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو جوائنٽ پارليامينٽ ڪميشن ٺاهي اساما بن لادن سميت هر شئي ۽ واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، سيد خورشيد شاهه چيو ته اسان کي فرينڊلي اپوزيشن جا تعنا ملندا آهن، ها اسان فرينڊلي آهيون، اسان پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي لاءِ فرينڊلي آهيون، اسان جمهوريت جي خاطر گولي کائڻ ۽ رت وهائڻ وارن مان آهيون، سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته جوائنٽ پارليامينٽ ڪميشن ٺاهي وڃي ته جيئن ابو به واضح ٿئي ته اساما بن لادن سان ڪنهن ڪنهن جا لاڳاپا هئا.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *