جهنگ ۾ روڊ حادثو،زال مڙس ۽ ٻن معصوم ٻارڙن سوڌو 7 ڄڻا فوت،7 زخمي

جهنگ (م.ڊ)  پنجاب جي شهر جهنگ ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ زال مڙس ۽ سندن ٻن معصوم ٻارڙن سوڌو 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن مطابق خوشاب روڊ تي ٻه ٽرڪوپن پاڻ ۾ آمهون سامهون ٽڪرائجي ويون، جن ۾ صوفي بزرگ سلطان باهو جا پانڌيئڙا سوار هئا، جيڪي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، ريسڪيو ذريعن مططابق حادثي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا، خبر پوڻ تي امدادي ڪاررويان ڪري فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي هڪ وڌيڪ زخمي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *