جهلم ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، هڪ ئي ڪٽنب جي 3 عورتن سميت 4 ڄڻا قتل

جهلم(م.ڊ) جهلم ۾ هٿياربندن گهر اندر گهڙي فائرنگ ڪري  هڪ ئي ڪٽنب جي 4 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ذريعن مطابق جهلم جي ڍوڪ اعواڻ واري علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن هڪ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جون 3 عورتون ۽ هڪ مرد مارجي ويا، اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چارئي لاش پنهنجي قبضي ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاٰءِ ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جهلم منتقل ڪري ڇڏيا، پوليس ٻڌايو ته چئني ماڻهن کي 30 بور جي پسٽل سان فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ تفصيلن جي خبر پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوءِ پوندي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *