جهلم: ملڪيت جي تڪرار تان ماٽيلي ماءُ، 2 ڀيڻون ۽ 2 ڀائر قتل

جهلم(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر جهلم ۾ پٽ مبينا طور تي ملڪيت جي تڪرار تي ماٽيلي ماءُ ۽ چار ڀائر ڀينرن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. فراهم ڪيل تفصيل موجب ڄاڻايل واقعو جهلم جي ٿاڻي منگلا جي حدن ۾ پيش آيو. ان ڏس ۾ متاثر خاندان جي سربراهه خادم حسين ٻڌايو ته هو پنهنجي ٻي زال ۽ چئني ٻارن سان گڏ گهر واپس اچي رهيو هو ته ارڊا بڍا جي ڀرسان پهچندي ئي نادر ڪار تي فائرنگ ڪئي. هن ٻڌايو ته هو سر بچائي ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر نادر جي فائرنگ ۾ هن جي زال فرزانا، ٻن ڌيئرون ثنا (12 سال) شاهه اولا (21 سال) ۽ ٻه پٽ راجا ابراهيم (11 سال) ۽ محمد سبحان (3سال) مارجي ويا. خادم حسين موجب مليڪت جي تڪرار سبب هن جي پٽ پنهنجي ماٽيلي ماءُ ۽ ڀيڻن ڀائرن کي قتل ڪيو. ان کان سواءِ خادم حسين الزام هنيو ته قتل جي واردات ۾ هن ڀاءُ ۽ ڀائٽيو به شامل آهن ۽ فائرنگ منهنجي پٽ نادر ڪئي. خادم حسين ٻڌايو ته 15 سال اڳ هو نادر جي ماءُ کي طلاق ڏئي چڪو هو. ٻئي پاسي واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڊي پي او راڻا عمر فاروق پوليس جي ڳري نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *