جهانگير ترين ۽ عمران خان نااهلي ڪيس: جمائما جا اثاثا سموري دنيا ۾ ٿي سگهن ٿا: چيف جسٽس

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ جهانگير ترين نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس هلي رهيو آهي، سوال اٿيا ته نوان دستاويز آيا، جج قانون جي ماتحت آهن، اختيارن جي ڳالهه ناهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ جهانگير ترين ۽ عمران خان جي نااهلي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته جيڪي دستاويز اچي رهيا آهن اهي تڪراري آهن. چيف جسٽس درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته دستاويز تڪراري آهن ته عدالت کي ڇا ڪرڻ گهرجي. حنيف عباسي چيو ته نون دستاويزن ۾ يورو اڪائونٽ ڏيکاريو ويو، جڏهن ته عمران خان ڪاغذن ۾ گهر واريءَ جا اثاثا ظاهر نه ڪيا. هن بني گالا کانسواءِ ڪنهن اثاثي جو ذڪر نه ڪيو آهي، سندن ڪيس به اثاثن کي لڪائڻ جو آهي. چيف جسٽس چيو ته جمائما جو تعلق امير خاندان سان آهي، سندس اثاثا سموري دنيا ۾ ٿي سگهن ٿا، توهان اهو اعتراض ڪڏهن نه اٿاريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *