
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ اداڪارا جهانوي ڪپور فلم “تخت” جي لاءِ اردو سکڻ شروع ڪري ڇڏي. بالي ووڊ ۾ ڪنهن عام ماڻهو جي ڀيٽ ۾ مشهور فنڪارن جي ٻارن کي سولائي سان موقعا ملي ويندا آهن. ليجنڊ اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي ڪپور پنهنجي والدين جي ڪري سولائي سان فلم نگري ۾ قدم رکي ڇڏيو پر بالي ووڊ ۾ ڪاميابي اهو ئي حاصل ڪندو آهي، جيڪو پنهنجي صلاحيت کي مڃرائيندو آهي. اداڪارا جهانوي ڪپور به پاڻ مڃرائڻ لاءِ سخت محنت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ايندڙ فلم ”تخت“ لاءِ اردو لکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. جهانوي ڪپور چئن مهينن کان اردو جون ڪلاسون وٺي رهي آهي ته جيئن فلم ۾ صحيح لفظن ۽ لهجي سان گڏ رواني سان اردو ڳالهائي سگھي ۽ ان سان گڏو گڏ تاريغ جو مطالعو به ڪري رهي آهي. واضح رهي ته ڪرن جوهر جي فلم ”تخت“ جي ڪهاڻي مغل دور جي چوڌاري گھمي ٿي پر فلم ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ اداڪارن جو صحيح لهجي ۾ اردو ڳالهائڻ ضروري آهي. فلم ۾ جهانوي ڪپور کان سواءِ رنوير سنگھه، ڪرينا ڪپور، ولي ڪشال ۽ عاليا ڀٽ به پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندا.