ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ نه آهي جيڪي پنهنجي مفاد لاءِ ڪڏهن مذهب ۽ ڪڏهن سياست جي نالي تي نوجوانن کي ڀڙڪائن ٿا اسان کي پنهنجي نئين نسل کي اهڙن ماڻهن کان بچائڻو آهي اسان صرف ترقي تي ڌيان ڏيئي رهيا آهيون ڌرڻن وارن جي لاءِ اسان وٽ وقت نه آهي هو ڌرڻو ڏيندا رهن اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين ماڻهن کي اها خبر پئجي ويندي ته ڪير ڌرڻي وارا ۽ ڪير ترقي وارا آهن اسان جو ايجنڊو ترقي ۽ خوشحالي آهي اسان ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ايجنڊا کان پوئتي نه هٽنداسين جيڪڏهن ڌرڻو وارن کي اسان سان مقابلو ڪرڻو آهي ته هو اسان جي ان ترقي ۽ خوشحالي جي ايجنڊا تي اسان سان مقابلو ڪن ماضي ۾ بجلي رسي ويئي هئي اسان ان کي راضي ڪري آيا آهيون 2018 تائين ملڪ مان بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪنداسين عوام سان 2013 ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن انهن کي پورو ڪري رهيا آهيون منزل تائين پهچڻ لاءِ رستن کي آسان ڪرڻو پوندو آهي جيڪڏهن ترقي اسان جي منزل آهي ته پوءِ موٽر وي اسان جي لاءِ ضروري آهي رستن جي اڏاوت سان ماڻهو هڪٻئي جي ويجهو ايجندا ۽ ڪمي پيشيون گهٽ ٿينديون اسان پاڪستان جي ترقي جي خواب کي تعبير ڏني آهي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته روڊن رستن جي ڪهڙي ضرورت آهي هن ملڪ جي عوام کي رستن جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي نوري آباد جي جڳهه تي ڪراچي کان ايم نائين موٽر وي جي سيڪشن ون جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو وزيراعظم نوازشريف منصوبي جو افتتاح ڪرڻ ڄامشوري جي علائقي نوري آباد پهتو افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جو گورنر محمد زبير ۽ وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه کان سواءِ تعميراتي ڪمپني فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اعليٰ اختيارين صنعتڪار وفاقي وزير احسن اقبال سميت ٻين پارٽين جي مقامي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گورنر ۽ سنڌ جي وڏي وزير گڏجي ان جي کوٽائي ڪئي. وزيراعظم نوازشريف چيو ته تعمير وطن جو هڪ نئون سنگ ميل پار ڪرڻ وارا آهن پاڪ سرزمين تي رستن جو ڄار وڇائي رهيا آهيون ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي جي پهرين سيڪشن جو افتتاح انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي رستو منزل جي خبر ٻڌائيندو آهي ان لاءِ منزل تائين پهچڻ لاءِ پهريان رستن کي آسان بنائڻو پوندو وزيراعظم چيو ته وطن جي تعمير اسان جي منزل آهي ان لاءِ موٽر ويز ٺاهڻ ضروري آهي هن چيو ته موٽر ويز ملڪ جي ضرورت آهي جنهن جي ذريعي ترقي جو خواب ممڪن آهي جڏهن موٽر ويز مڪمل ٿي ويندا ته ملڪ ترقي جي هڪ نئين سفر ۾ داخل ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ان موٽر ويز جي تعمير سان نه صرف مفاصله گهٽ ٿيندا پر تيزي سان واپاري قافلو ۽ موٽر ويز تي روان دوان هوندو ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو به تيزي سان ڦرندو. هن چيو ته ڪراچي کان حيڊڙباد موٽر ويز ايم نائين 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان موٽروي پل ۽ انٽرچينج پل ان تي بڻجي رهيا آهن ملتان کان سکر تائين به موٽر ويز جي اڏاوت شروع ٿي چڪي آهي اڄ ماڻهو پنهنجي اکين سان نئون پاڪستان تعمير ٿيندي ڏسي رهيا آهن. انهيءَ خواب جي تعمير اسان جي منزل آهي وزيراعظم چيو ته معاشي طور تي ڪمزور ملڪ جي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ سولو هوندو آهي جيڪڏهن اسان معاشي طور تي مضبوط هونداسين ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌنديون روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ نوجوان به ان ترقي جي سفر ۾ اسان سان گڏ شامل ٿيندا. هن چيو ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي اسان جو ويزن آهي حڪومت جي ٽن سالن جي ڏينهن رات جي محنت جو ميوو اڄ عوام جي اڳيان آيو آهي پاڪستان جو معاشي استحڪام جي ساراهه عالمي مالياتي ادارا ڪري رهيا آهن اڄ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج بلندي جي سطح تي پهچي چڪو آهي معيشت جي بهتري ۽ انفرااسٽريڪچر جي اڏاوت جو سفر 1991 ۾ شروع ڪيو هو ان ۾ ڪجهه وقت لاءِ دير ٿي هئي جيڪڏهن اهو سفر جاري هجي ها ته پاڪستان ترڪي ۽ ملائيشيا کان پوءِ هڪ رول ماڊل ترقي يافته ملڪ هجي ها سي پيڪ هڪ عالمي منصوبو آهي ان منصوبي کي تيزي سان مڪمل ڪري رهيا آهيون اڄ دنيا جون نظريون نئين پاڪستان تي آهن هي نئون پاڪستان هڪ ترقيافته ملڪ هوندو. جيڪي ماڻهو هوائي ۽ هيليڪاپٽرن ۾ اڏن ٿا انهن کي روڊن رستن جي اهميت جي ڪهڙي ڄاڻ هوندي آهي اهو ڪڏهن زمين تي لهي ڏسن ته عوام کي روڊن رستن جي ڪيتري ضرورت هوندي آهي ڪوئي بلوچستان جي ماڻهن کان پڇي ته جڏهن مريض کي اسپتال پهچائڻ ۾ وقت لڳندو هو انهن کان رستن جي اهميت جو پڇيو وڃي رستن جي اهميت جي باري ۾ پنجاب جي هارين سنڌ جي هارين مزدورن ۽ شاگردن کان پڇيو وڃي ته رستن جي ڇا اهميت آهي ميٽرو بس کي جنگلو چوڻ وارا ان جي اهميت نٿا سمجهن ميٽرو بس سان هزارين ماڻهو فائدو وٺي رهيا آهن ڪراچي حيدرآباد موٽر وي جي اڏاوت سان حيدرآباد سکر سکر مان ملتان ۽ ملتان کان لاهور سميت وڌيڪ موٽر ويز 2019 تائين مڪمل ٿي ويندا. بلوچستان جي ترقي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقي ٿي رهي آهي موٽر وي جو ڄار وڇايو ويو آهي. گوادر پورٽ ترقي ڪري رهي آهي اهو رول آف دي آرٽ بندرگاهه هوندو جنهن سان 10 وڇ ايشيائي ملڪن سميت ٻيا ملڪ به فائدو وٺندا. هن چيو ته 2018 ۾ پاڪستان کي لوڊشيڊنگ جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين 10 ميگاواٽ بجلي ايندڙ سال جي شروعات ۾ سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. اسان اهڙي منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون ته 21 هزار ميگاواٽ بجلي ايندڙ چند سالن ۾ سسٽم ۾ شامل ٿي وڃي هن چيو ته ماڻهو ايندا ويندا آهن اسان کي پاڪستان لاءِ سوچڻو پوندو. بجلي پاڪستان جي ضرورت آهي اسان ڪوئلي ۽ گئس کان سواءِ ايل پي جي هائڊرو انرجي ونڊ انرجي ۽ شمسي توانائي مان بجلي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارخانا لڳائي رهيا آهيون اسان جيڪا بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون اها سستي هوندو حڪومت باشا ڊيم جي اڏاوت ڪري رهي آهي اهو منگلا ۽ تربيلا ڊيمن کان به وڏو هوندو. ان مان ساڍا چارهزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي ۽ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش وڌي ويندي هن چيو ته وسيلا گهٽ ۽ ضرورتون وڌيڪ آهن جيڪڏهن وسيلا هجن ها ته ترقي جو سفر آسان ٿيندا ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلو پاڪستان جو مستقبل آهي ڪوئلي مان سستي بجلي ٺاهينداسين. قومي ڄاڻي ٿي ته ڪير ڌرڻن وارو آهي ڪير ترقي وارو اسان پنهنجا واعدا پورا ڪنداسين وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڄامشوري کان سيوهڻ 126 ڪلوميٽر پري شاهراه جلد ئي تعمير ڪيو ويندو ۽ اهو منصوبو وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت گڏجي مڪمل ڪنديون. هن چيو ته لياري ايڪسپريس وي هلندڙ سال مڪمل ٿي ويندو تقريب کي خخاب ڪندي فرنٽيئر ورڪ آرگنائيزر جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل چيو ته ايم نائين موٽر وي علائقائي ۽ معاشرتي ترقي جي شه رڳ آهي ان موٽر وي تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ ايندڙ جشن آزادي جي موقعي تي اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي لاءِ 260 ملين هڪ ڏينهن ۾ گيلن پاڻي جي منصوبي تي ڪم جاري اهي ۽ ايندڙ گرمي ۾ ڪراچي وارن کي ان منصوبي جي تحت وڌيڪ پاڻي ملڻ شروع ٿي ويندو. ان کان اڳ جمعي تي صبح جو وزيراعطم نوازشريف ڪراچي ايئرپورٽ پهتو جتي سنڌ جي گورنر محمد زبير عمر ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ان جو آجياڻو ڪيو ان موقعي تي آءِ جي سنڌ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين به ايئرپورٽ تي ان جو آجياڻو ڪيو. وزيراعظم ايئر پورٽ کان هيليڪاپٽر ذريعي نوري آباد پهتو ڊي جي ايف ڊبليو او وزيراعظم نوازشريف جو آجياڻو ڪيو موٽر وي ايم نائين جي پهرين سيشن ۾ 75 ڪلوميٽر رستي جي اڏاوت مڪمل ٿي چڪي آهي موٽر وي ايم نائين منصوبي تي 36 ارب رپيا لاڳت ايندي ۽ 136 ڪلوميٽر ڊگهي رستي جي اڏاوت ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿي ويندي.