جن کي انڪوائري ڪميشن تي اعتماد ناهي اهي سپريم ڪورٽ ۾ وڃن: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاناما ليڪس جي انڪشافن تي ٺهندڙ انڪوائري ڪميشن تي اعتماد ناهي اهي سپريم ڪورٽ ۾ وڃن. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته سپريم ڪورٽ تي اڄ به اٽل اعتماد آهي، الله خير ڪندو، سڀاڻي اسيملي اجلاس ۾ خبر پئجي ويندي. هن چيو ته پاناما ليڪس ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ رحمان ملڪ جا نالا به شامل آهن، پيپلزپارٽي جي سڄي ڄڃ پاناما پيپرز ۾ آهي. جن جو نالو پاناما پيپر ۾ ناهي مخالفن کي اهي نالا نظر نه پيا اچن. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته عمران خان 3 سال پهريان منهنجي خاف عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ داخل ڪئي هئي. جن کي دولت لڪائڻي هوندي آهي اهي پنهنجي نالي تي نه وڪيل جي نالي تي اثاثا ٺاهين ٿا. هن چيو ته گدون ۾ ڪمپني جو ٺاهڻ به آف شور ڪمپني جهڙو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *