جن جي سزا 2025ع ۽ 2027ع ۾ ختم ٿيڻي هئي، انهن کي پيرول تي ڇڏي حڪومت اهڙي مهرباني ڇو ڪئي؟ : چيف جسٽس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته وفاق، سنڌ حڪومت ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊر ڪراچي ۾ رينجرز جي اعتراضن جو حل ڳولين، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ 5 رڪني بينچ بدامني ڪيس بابت فيصلي تي عمل جي حوالي سان درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي آئي جي سنڌ غلام حيدر جمالي ٽارگيٽ ڪلنگ جي حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 2015ع ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا 159 واقعا ٿيا، جن مان 83 واقعن جا ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته 53 جوابدار گرفتار ٿيا ۽ 15 پوليس مقابلن ۾ مارجي ويا، اهڙي ريت 25 ڪيسن بابت پوليس جاچ ڪري رهي آهي، جسٽس امير هاني مسلم اهڙي رپورٽ تي آئي جي سنڌ کي مخاطب ٿنيدي ريمارڪس ڏنا ته توهان جي رپورٽ اسان جي لاءِ ڪاغذ جا ٽڪرا آهن، ان سان اسان جي ڪا دلچسپي ناهي، رپورٽ ۾ انگن اکرن کانسواءِ ڪجهه به ناهي، هن  آئي جي کي چيو ته لڳي ٿو ته توهان ڪجهه ٻڌائڻ نه ٿا چاهيو، توهان جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته توهان جو ڪراچي پوليس تي ڪو ڪنٽرول ناهي، ان تي آئي جي سنڌ چيو ته عدالتي ريمارڪس نامناسب آهن، جسٽس امير هاني مسلم کيس چيو ته توهان جي ڪارڪردگي جي حساب سان اهي ريمارڪس بلڪل مناسب آهن، جيڪڏهن توهان کي اعتراض آهي ته هڪ درخواست ڏيو، عدالت آئي جي سنڌ کان ٽارگيٽ ڪلنگ جي التويٰ ۾ پيل 57 ڪيسن جا تفصيل گهرائيندي چيو ته انهن ڪيسن جي رپورٽ خميس تائين جمع ڪرائي وڃي. ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي پيرول آفيسر 2015ع ۾ پيرول تي آزاد ڪيل ماڻهن جي فهرست عدالت ۾ جمع ڪرائي، پيرول آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڀنگ لاءِ اغوا ۽ دهشتگردي جي ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا مليل ٻن ڏوهارين کي ڇڏيو ويو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اغوا، دهشتگردي ۽ سنگين ڪيسن ۾ سزا مليل ڏوهارين کي پيرول جي سهولت نه ٿي ڏئي سگهجي، ٻڌايو وڃي ته ڀنگ لاءِ اغوا جي ڪيسن ۾ سزا مليل ڏوهارين کي ڪيئن ڇڏيو ويو؟ سپريم ڪورٽ 2012ع کان هن مهل تائين پيرول تي آزاد ٿيلن جي فهرست گهرائيندي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جن جي سزا 2025ع ۽ 2027ع ۾ ختم ٿيڻي هئي، انهن کي پيرول تي ڇو ڇڏيو ويو ۽ حڪومت اهڙي مهرباني ڇو ڪئي؟ چيف جسٽس انور ظهير جمالي آئي جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته ادارن ۾ ٽڪراءُ ختم ڪيو وڃي، شهر جي ڪشادي مفاد ۾ امن لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي، پوليس کاتي ۾ ڪوبه غلط ڪم ٿيو ته اسان توهان کان پڇنداسين، جنهن کانپوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي خميس تائين روڪي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *