جنگ جو جلد کان جلد خاتمو چاهيون ٿا، پاڪستان جي يمن جنگ ۾ شامل هجڻ وارين خبرن جي تردي

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزارت جي ترجمان تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته پاڪستان يمن ۾ جنگ جو جلد کان جلد خاتمو چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ ايران سميت مختلف اسلامي ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، هن چيو ته يمن ۾ ڦاٿل گهڻن ئي پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويو آهي ۽ ڪجهه ماڻهو هن وقت به يمن ۾ موجود آهن جيڪي وطن واپس نه ٿا اچڻ چاهين پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجون  اهم دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ آمريڪي فوجي اوزار خريد ڪري رهيو آهي جيڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ به ڪارآمد ثابت ٿيندا جڏهن ته آمريڪي حڪومت پاڪستان کي فوجي آوزار جي وڪري جي باري ۾ ڪانگريس کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي  ۽ اميد آهي ته انهن اوزارن جي حتمي منظور جلد ڏندي ويندي هن جو چوڻ هو ته آمريڪي حڪومت طرفان پاڪستان کي هٿيارن جي فراهمي اصل ۾ دهشتگردي خلاف اسان جي ضرورتن ۽ اهميت کي تسليم ڪرڻو آهي. چين جي صدر جي پاڪستاني دوري جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته صدر زي جنگ پنگ هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو جڏهن ته ان جي دوري جي تاريخ اڃان طئه ڪرڻي آهي پاڪستان  ۽ چين هڪ ٻئي جي اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ پراڻا دوست آهن ۽ چين جي صدر جي دوري سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم هوندا ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسا ننئين دلي سان والاريل ڪشمير سميت سمورن معاملن جي حل لاءِ مثبت ۽ با معنيٰ ڳالهيون چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *