جنهن وٽ 5 سالن کان هڪ صوبو آهي اُهو رڳو تقريرون پيو ڪري: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڇا عمران خان زندگي ۾ ڪڏهن هڪ ڏينهن به سرڪاري آفيس هلائي. تفصيل موجب اڳوڻي وفاقي وزير سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان جي تقرير رد عمل ڏيندي چيو ته تقرير جو اسڪرپٽ 2011ع وارو هو. احسن اقبال چيو ته جنهن وٽ 5 سالن کان هڪ صوبو آهي اُهو رڳو تقريرون ڪري رهيو آهي، ڇا عمران خان زندگي ۾ ڪڏهن هڪ ڏينهن ڪا سرڪاري آفيس هلائي.  هن وڌيڪ چي ته ڪنهن اهڙي ڊيسينٽ وٽ ويندسين جنهن هڪ ڏينهن به پريڪٽس نه ڪئي هجي؟ هن ڊاڪٽر عارف علوي کي مخاطب ڪندي چيو ته هو حيقيقت پسند بڻجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *