جنهن اداري ۾ هٿ وجهون ٿا ته اتان هڪ نئين داستان نڪري ٿي اچي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس انور ظهير جمالي  جو ڪيس دوران ريمارڪس ۾ چوڻ هو ته جنهن اداري ۾ هٿ وجهون ٿا ته اتان هڪ نئين داستان نڪري ٿي اچي.ميڊيا رپورٽ مطابق جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي پشاور جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس آف پاڪستان وائيس چانسلر جي مقرري جي معاملي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪي پي ڪي تي سخت تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اختيار ملڻ کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي ايمان ٿي وڃي ته اها سسٽم جي خرابي ناهي،جنهن اداري ۾ هٿ وجهون ٿا انهيءَ جي هڪ نئين ڪهاڻي سامهون اچي ٿي وڃي.ان موقعي تي جسٽس انور ظهير جمالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي بادشاهت ناهي جو جنهن کي چاهي ڦاهي ڏئي،جنهن کي هار پارائي،عدالتون سسٽم ناهن ٺاهينديون،پر قانون مطابق ڪم ڪنديون آهن.وڏي وزير بابت فيصلو ڏنو ته سڀاڻي ٻيو ڪو آفيسر ساڳيو معاملو کڻي ايندو،سندس چوڻ هو ته الله ڪري هي قوم سڌري وڃي.جڏهن ته ٻڌڻي دوران جسٽس خلجي عارف پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ووٽر ووٽ ڏيڻ وقت اکيون بند ٿا ڪري بيهن يا وري ڪوڙن خوابن جي پويان لڳي ٿو پوي.عدالت ڪي پي ڪي جي سيڪريٽري کي رڪارڊ سوڌو گهرائي ٻڌڻي روڪي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *