جنسي لاڳاپا رکڻ تي ڪم ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي: فاطما ثنا شيخ

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي مقبول فلم دنگل ۾ ريسلر عورت جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا فاطما ثنا شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڪيريئر جي شروعات ۾ صلاح ڏني وئي ته جيستائين هو فلم سازن سان جنسي لاڳاپا نه رکندي تيستائين کيس ڪم نه ملي سگندو. هڪ عام گهراڻي سان واسطو رکڻ باوجود فلم انڊسٽري ۾ جاءِ ٺاهڻ جي حوالي سان تازو فاطمه ثنا شيخ شوبز ويب سائيٽ پنڪ ولا سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس وڏي ڏکيائي ۽ محنت کانپوءِ بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته موقعو ملڻ کان اڳ ٻڌايو ويندو هو ته سندس چهري ۽ جسم جا خدوخال هيروئن جيان نه آهن. مون کي اهي طعنا ڏنا ويندا هئا ته منهنجو چهرو هيروئن جهڙو ناهي ۽ اهو به چيو ويندو هو ته جيستائين مان شوبز شخصيتن سان جنسي لاڳاپا نه رکنديس تيستائين فلم انڊسٽري ۾ ڪم نه ملندو. هن چيو ته جنسي لاڳاپ رکڻ واري آڇ کان انڪار سبب ئي ڪيترن ئي منصوبن ۾ ڪم نه ڏنو ويو. هن اهو به انڪشاف ڪيو ته هو رڳو ٽن سالن جي هئي تڏهن کيس جنسي استحصال جو نشانو بڻايو ويو ۽ اڄ به فلم انڊسٽري سميت هر شعبي ۾ عورتن کي جنسي استحصال ۽ هرساني جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. اداڪارا جو چوڻ هو ته ڪيريئر جي شروعات وڏين فلمن سان ڪرڻ باوجود پنهنجو اسٽينڊرڊ ڪم ڪري، ننڍين فلمن، ڊرامن ۽ ٻين منصوبن ۾ ڪم ڪيو جيئن لاڳيتو ڪم ملندو رهي ۽ ڪجهه نه پيسا ڪمائيندا رهان. وچولي طبقي سان واسطو رکڻ سبب ڏکيائي سان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن چيو ته جنسي لاڳاپا رکڻ تي ڪم ڏيڻ جي آڇ به ڪئي وئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *