جنرل ڪياني کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳو عمل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نعيم الحق جو بيان غير ذميواراڻو آهي، جنرل ڪياني کي تڪراري بڻائڻ افسوس جوڳو عمل آهي، معافي گهرن. مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نعيم الحق سميت سندس سڄي پارٽي غير ذميواراڻا بيان ڏيندي آهي، ڌانڌلي جو ثبوت هو ته عدالتي ڪميشن ۾ پيش ڇو نه ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته سياست عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڪم ته ٿئي ئي نٿو، جڏهن سوال ڪيو ويندو آهي ته عمران روئڻ شروع ڪندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *