جنرل راحيل شريف ۽ اردن جي شاهه عبدالله ثاني وچ ۾ ملاقات، دفاع ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ اردن جي شاهه عبدالله ثاني ٻنهي ملڪن وچن ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ سهڪار ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته شاهه عبدالله پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ علائقي جي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ وارين ڪوششن جي ساراهه ڪئي، آءِ ايس پي آر مطابق اردن جي سرڪاري دوري تي جنرل راحيل شريف اردن جي شاهه عبدالله ثاني سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي شعبن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ اردن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا ۽ ڀائيچاري واري جذبي جي عظيم تاريخ رکن ٿا، شاهه عبدالله ثاني پاڪ فوج جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابين ۽ علائقي ۾ امن استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي ساراهه ڪئي.  ٻئي طرف آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسپيشل آپريشن فورسز جي مشقن جو جائزو ورتو آهي، آءِ ايس پي آر موجب فوجي مشقن جو جائزو شاهه عبدالله اسپيشل آپريشنز ٽريننگ سينٽر ۾ ورتو ويو، ان موقعي تي آرمي چيف اردن اسپيشل آپريشن فورسز جي بهترين تربيتي معيار جي ساراهه ڪئي، جڏهن ته آرمي چيف فوجي مشق ۾ شريڪ اهلڪارن سان به ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *