جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ لاءِ ڪو به فائيل وزيراعظم هائوس کي ناهي موڪليو ويو: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) خواجه آصف چيو ته جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ لاءِ ڪو به فائيل وزيراعظم هائوس کي ناهي موڪليو ويوبچاءُ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جو معاملو، حڪومت ۾ ڪنهن به سطح تي غور هيٺ نه هو.سندس چوڻ هو ته جنرل راحيل شريف جي مدي ۾ واڌ جي معاملي کي ڪجهه مفاد پرستن بحث هيٺ آندو.هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءُ واري وزير چيو ته هو اي پي ايس ۽ چارسده واقعي جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ واري سيد خورشيد شاهه جي مطالبي جي ّحمايت ڪري ٿو.هن چيو ته حڪومت سمورا معاملا سرچاءُ ذريعي ۽ مشوري سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *