جنرل راحيل شريف جي سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات، دفاع ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ سعودي عرب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي انتهاپنسدي خلاف ميڪانيزم کي نئين توانائي سان فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سلمان بن عبدالعزيز واضح ڪيو تهپاڪستان جي بقا کي ڪنهن به قسم جو خطرو سعودي کي قبول نه هوندو، جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف حرمين شريفين ۽ سعودي جي سلامتي جو دفاع ۽ تحفظ جو عزم ورجايو آهي، آءِ ايس پي آر مطابق جنرل راحيل شريف سعودي عرب جي دوري دوران اربع تي سعودي باشاهه سلمان بن عبدالعزيز، سعودي ولي عهد ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي، جنرل راحيل شريف جي سعودي قيادت سان ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جا معاملا، ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي گڏيل عظيم تاريخ آهي ۽ ٻنهي ملڪ جي عوام ۾ ڀائپي جو هڪ خاص جذبو موجود آهي جيڪو جٽادار پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، اڳواڻن چيو ته علائقائي استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جو ڪردار اهم آهي ۽ مسلمانن جي حوالي سان ٻنهي ملڪن کي ڳري ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. واضح رهي ته آرمي چيف اڱاري تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *