جنرل راحيل شريف جي جان ڪيري سان ملاقات، فوجي انٽيليجنس تعاون کي وڌيڪ موثر بنائڻ تي اتفاق

واشنگٽن (م.ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي لاڳاپا ۽ علائقائي معاملا بحث هيٺ آيا، پرڏيهي کاتي ۾ ٿيندڙ ان ملاقات ۾ جنرل راحيل شريف علائقائي سلامتي جي معاملن جي حوالي سان پاڪستان جو تصور پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم باجوه موجب ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري دهشتگردي خلاف جدوجهد ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ميجر جنرل عاصم باجوه پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير ان موقعي تي پاڪ فوج جي پروفيشنلزم جي ساراهه ڪئي ۽ ان کي متحد ڪندڙ هڪ حقيقي قوت قرار ڏنو. امريڪي پرڏيهي وزير پاڪ افغان لاڳاپن ۾ بهتري کي علائقائي استحڪام ڏانهن هڪ قدم قرار ڏيندي ان جي آجيان ڪئي ۽ ان حوالي سان آمريڪا طرفان ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. واضح رهي ته جنرل راحيل شريف وطن واپسي لاءِ روانگي کان اڳ ڪجهه ڏينهن ڪيليفورنيا ۾ گذارڻ کان پوءِ واشنگٽن پهتو، جتي هن آچر تي هفتي وار موڪل باوجود آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ پرڏيهي وزير جان ڪيري سان ملاقات ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *