جمهوريت ۾ احتجاج سڀني جو حق آهي، سنڌ ۾ رستا بلاڪ نه ڪنداسين: وڏو وزير

حيدرآباد (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ضلعي حڪومتن کي فنڊز جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ تمام جلد پرواونشل فنانس ڪميشن  جي چيئرمين جي حيثيت سان هو 4 ماڻهن کي نامزد ڪندو جنهن ۾ ميئر پڻ  شامل هوندا. هن چيو ته اسين سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جا رستا بلاڪ نه ڪنداسين ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۾ احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي ۽ جمهوري طريقي سان جيڪو احتجاج ڪرڻ چاهي يا ڪو ريلي ڪڍڻ چاهي ته ان کي سنڌ حڪومت طرفان پوري اجازت آهي پر شرط آهي ته عام ماڻهن کي  ڪا تڪليف نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي سيد نويد قمر سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي  ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  چيو ته اسين سڀ عوام جي  ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر2016ع  تي شهيدن کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي ته اهو آچر جو ڏينهن هو ۽ اميد هئي ته  عام ماڻهن کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿيندي  اهڙي ريت اميد ٿي ڪجي ته پي ٽي آءِ جي ريلي سبب ماڻهن کي تڪليف نه ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير  چيو ته سي پيڪ منصوبي تي اسانکي ڪجهه خدشا آهن. هن چيو ته اوهان کي ياد هوندو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي حڪومتي دور ۾ 20 کان وڌيڪ  چين جا دورا ڪيا هئا  جنهن ۾ سي پيڪ منصوبي جي رستي  جو منصوبو به شامل هو  ۽ ان دور ۾ ايوان صدر جي ديوار تي سي پيڪ منصوبي جو نقشو اڪريل هو پر ان ۾ بعد۾ ڪجهه تبديلي آندي وئي جنهن ڪري اسانکي  ڪجهه خدشا آهن جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان وقت بوقت مجاز اختيارين آڏو آواز اٿاريندا رهيا آهيون. هن چيو ته  پ پ پ  ان پروجيڪٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي_ هن چيو ته چين ۾ سي پيڪ منصوبي تي عمل ڪرائيندڙن جي گڏجاڻي ٿيندي آهي جنهن ۾ آئون خود يا پنهنجو ڪو سينيئر نمائندو موڪليندس جيڪو  مسئلي جي حل لاءِ ڳالهائيندوته جيئن پروجيڪٽ جلد کان جلد مڪمل ٿي سگهي ۽ اميد آهي ته حڪومت اسانکي سپورٽ ڪندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ٿرپارڪر ۾ پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ اسانجو هڪ اهم معاملو آهي  ان جي حل لاءِ اسان جي حڪومت پاڻي کي مٺي ڪرڻ جا پلانٽ لڳائي مسئلو حل ڪيو آهي  ۽ جتي جتي ضرورت پوندي اتي پنهنجاوسيلا ڪتب آڻي پيئڻ جو مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مڪاني ادارن کي اختيار 2013 جي ايڪٽ مطابق ڏنا ويا آهن  هر اداري کي قانون مطابق اختيار ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته منهنجي حڪومت خود آئين تحت مليل اختيار استعمال ڪري سگهي ٿي آئين کان هٽي ڪري اختيار استعمال نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته هي پهريون دفعو آهي جو اسيمبلي مڪاني ادارن جا اختيار پاس ڪيا آهن  جڏهن ته ان کان اڳ ماضي ۾ هميشه آرڊيننس ذريعي اختيار منتقل ٿيندا رهيا_ هن وضاحت ڪندي چيو ته جن ادارن جا اڪائونٽ منجمند ڪيا ويا آهن انهن هنڌن تي هڪڙي  اداري مان ڪافي ادارا ٺهي ويا آهن جن کي ڌار ڪرڻ کانپوءِ انهن جا منجمند ٿيل اڪائونٽ ورهائي جلد بحال ڪيا ويندا ته جيئن ادارا پنهنجو ڪم ڪري سگهن اهو فيصلو صرف ورهاست کي بيلنس ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي نه ڪي ڪو ٻيو فيصلو ٿيو آهي. مرحوم قمر الزمان شاهه جون سنڌ ۾ زراعت لاءِ ڪيل خدمتن ۽ انهن مان لاڀ حاصل ڪرڻ بابت پڇيل  هڪ  سوال تي هن چيو ته مرحوم قمر الزمان شاهه ۽ سندس والد سيد عبدا لله شاهه سياست جي گڏ شروعات ڪئي ۽ هڪ جونيئرجي حيثيت سان مون پنهنجن بزرگن جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مرحوم سيد قمر الزمان شاهه  سنڌ ۾ زراعت جي ترقي لاءِ  تمام گهڻي تحقيق ڪئي ۽ زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو ۽ اسانجي ڪوشش هوندي ته مرحوم سيد قمر الزمان شاهه جي ڪيل محنت ۽ تحقيق تي عمل ڪندي سنڌ جي زرعي شعبي کي ترقي وٺرايون _پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ميرٽ تي بنا ڪنهن متڀيد جي روزگار فراهم ڪيو ويندو ۽ هن مهل تائين فقط پوليس کاتي ۾ جيڪي ڀرتيون ٿيون آهن اهي ميرٽ جي  بنياد تي ڪيون ويون آهن. هن چيو ته غير قانوني ڀرتين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي تنهن هوندي به ڪنهن کي بيروزگار ڪرڻ جي حق ۾ نه آهيان. هن چيو ته تعليم ، صحت ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ  سنڌ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي جڏهن ته ٻين شعبن جي ترقي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن-هن چيو ته تعليم  جي بجيٽ کانپوءِ سڀ کان وڏي رقم امن امان ۽ سيڪيورٽي تي خرچ ڪئي وڃي ٿي تنهن هوندي به وڌيڪ ضرورت پوڻ تي ان رقم ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو_هن چيو ته صوبن کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ پيپلزپارٽي جو منشور آهي پر موجوده وفاقي حڪومت ڪجهه ڳالهيون  فوري طور تي ته وري ڪجهه ڳالهين تي دير سان عمل پئي ڪري. تعليمي شعبي ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي بابت  پڇيل سوال تي چيو ته کيس وڏي وزير جو عهدو سنڀاليندي فقط ٽي مهينا ٿيا آهن ۽ هن پنهنجي حڪومت دوران سڀ کان پهرين تعليم کي ترقي وٺرائڻ لاءِ  سنڌ جي  تعليم کاتي لاءِ سينيئر ۽ اهل سياستدان ڄام مهتاب ڏهر کي تعليم کاتي جو قلمدان ڏئي اهو ٽاسڪ ڏنو ته هو وڌ کان وڌ تعليم کاتي  جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪري جنهن بعد ساڻس تفصيلي گڏجاڻي ڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته تعليم شعبو هڪ وڏو شعبو آهي جنهن کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي. جنهن بعد ئي تعليم کاتي جي استادن سميت  سمورا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسڪولن ۾ استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ سخت قانون جوڙيو ويو آهي ۽ اسڪولن جي مرمت ۽  تعمير تي ِ پڻ سنجيدگي سان ڪم هلندڙ آهي. هن چيو ته تعليم کاتي جي صورتحال ڪافي بدتر آهي پر ان ۾ جلد بهتري جي اميد آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته امن امان جي بهتري لاءِ وزير اعظم پاران اعلان ڪيل 5 ارب رپين واري رقم مان اڃان تائين هڪ رپيو به جاري ناهي ٿي سگهيو آهي جنهن بابت ڪيترائي ڀيرا خط ڪتابت ڪئي وئي آهي. امن امان صوبي جو مسئلو آهي  ۽ ايجنسيون منهنجي ما تحت آهن. هن چيو ته منهنجو ڪنهن سان به ڪو اختلاف نه آهي .ان موقعي تي صوبائي وزير امداد پتافي ، ڄام خان شورو ، گيانچند ايسراڻي، ڊاڪٽر سڪندر شورو، قاسم نويد قمر، راڻا همير سنگهه به ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *