جمهوريت جي نالي بادشاهت قائم آهي، غير جمهوري رويي تي عوام کي جاڳڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي تي بادشاهت قائم آهي غير جمهوري رويي تي عوام کي بيدار ٿيڻ گهرجي خميس تي چيف جسٽس جي اڳواڻي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي دليلن دوران درخواست ڪندڙن جي وڪيلن جي مداخلت تي عدالت ڏمرجي پئي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان کي توهان جي رويي کان تمام مايوسي ٿي آهي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اورنج لائين منصوبي تي پنجاب حڪومت جي اپيل جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته تاريخي عمارتون قومي ورثو آهن انهن کي تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين اورنج ٽرين لائين جي رپورٽ جي جائزي لاءِ آزاد ماهرن جا نالا ڏنا وڃن چيف جسٽس چيو ته عوام سان جمهوريت جي نالي تي مذاق ٿي رهي آهي ماڻهن کي پنهنجا نمائنده چونڊڻ وقت سوچڻ گهرجي هڪ انگريز جج چيو هو جنهن کي ماڻهو انهن ماڻهن جي چونڊ ڪندا آهن انهن کي ڀوڳڻو پوندو آهي. گڊ گورننس جي نالي تي بيڊ گورننس آهي هن چيو ته اهو ڪنهن هڪ شخص جو نه پر عوامي فلاح جو منصوبو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ به ڪجهه قانوني تقاضا پورا ٿيندي نظر نٿا اچن. پنجاب حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ پنجن رپورٽن کي غلط قرار ڏنو ويو هاءِ ڪورٽ وٽ اهڙو ڪوبه پئمانو نه هو جنهن جي بنياد تي رپورٽن کي غلط قرار ڏنو وڃي. هاءِ ڪورٽ اهڙي ڪنهن نصاب يا پئماني جو ذڪر به پنهنجي فيصلي ۾ نه ڪيو ارونج لائين منصوبن بابت رپورٽون جي بغير نفعي قانوني جواز ڏنو ويو. مخدوم علي خان چيو ته هاءِ ڪورٽ اهو نه ٻڌايو ته دوست ڇا آهي ۽ نه ڪا وضاحت ڪئي. ڪنهن به تاريخي شهر ۾ ترقياتي ڪمن ۾ توازن رکڻ هوندو آهي. ترقياتي ڪم به هجن ۽ تاريخي ورثو به محفوظ رهي جيڪڏهن اورنج لائين ٽرين ٺهڻ سان شالامار باغ يا ڪا تاريخي عمارت ڪري ٿي ته ان جي اجازت نه ڏني وڃي پر ٽرين هلڻ سان چوڀرجي کي ڏسڻ ۾ وقت هجي ته عدالت کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ميٽرو ٽرين منصوبي جي نالي تي تاريخي ورثن کي ڊاهيو وڃي ٿو ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *