جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، احتساب ٿيندي نظر نه پيو اچي: نواز شريف

لاهور (اين اين آءِ) ن ليگ جي صدر محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ ضم ڪرڻ ۽ فاٽا سڌارن واري بل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جنهن ۾ مولانا فضل رحمان سميت ٻين جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان رابطن تي اتفاق ڪيو ويو، رائيونڊ ۾ ٿيل ملاقات ۾ شهباز شريف، رانا تنوير حسين، انجنيئر خرم دستگير پرويز رشيد سميت ٻيا به موجود هئا،نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته پارليامينٽ جي مضبوطي سمورن ادارن جي مضبوطي آهي ۽ ن ليگ هميشه ان لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، ان دوران فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ ۽ فاٽا سڌارن بل تي مولانا فضل رحمان سميت ٻين جي خدشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته نه صرف خدشا ختم ڪيا ويندا پر سياسي جماعتن جي اڳواڻن سان رابطا ڪيا ويندا، ملاقات ۾ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،ته ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پارليامينٽ جي مضبوطي تمام ادارن جي مضبوطي آهي، ميان نواز شريف جو چوڻ هو ته 2018ع چوندن جو سال آهي، عوام ۽ ڪارڪنن سان رابطي ۾ تيزي آندي وڃي، جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، احتساب ٿيندي نظر نه پيو اچي، وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ن ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ متحد آهي، ن ليگ 2018ع جون چونڊون نواز شريف جي قيادت ۾ وڙهندي. وزيراعظم جي لاهور پهچڻ تي شهباز شريف، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ڪيپٽن رٽائرڊ عارف نواز خان، ڪمشنر لاهور ڊويزن عبدالله خان سمبل سميت ٻين استقبال ڪيو، ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم سان دانيال عزيز پڻ ملاقات ڪئي ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي عمران خان ڪيس ۾ فيصلي خلاف رويو پٽيشن، فاٽا سڌارن واري بل بابت عوامي مهم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *