جمهوريت جي بحالي، اين ايف سي ايوارڊ ۽ صوبائي خودمختياري پ پ جا ڪارناما ۽ جمهوري تحفا آهن: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ)بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 1973ع جو آئين ڏيڻ ، آمراڻي دؤر ۾ آئين ۾ ڪيل پيوندڪارين جو خاتمو، جمهوريت جي بحالي، مضبوطي، تسلسل، اين ايف سي ايوارڊ، صوبائي خودمختياري، 18هين ترميم ۽ پارلياماني جمهوريت قائم ڪرڻ پ پ جا ڪارناما ۽ جمهوري تحفا آهن، پاڪستان جي آئين جي ڪري قومي اتحاد جو وجود قائم آهي، اڳوڻي سينيٽ چيئرمين سيد نئير حسين بخاريءَ سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي دؤرن ۾ پاڪستان کي نه فتح ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ دفاعي ادارن جو قيام عمل ۾ آيو. پاڪستان جي آئين هيٺ آئيني ادارا قائم ٿيا ۽ عوام کي رياستي معاملن ۾ سڌي ريت شريڪ ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ به پ پ محروم ۽ مظلوم طبقن جي اُميد آهي. پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ڌماڪي جي مذمت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو تعزيتي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري بم حملي جي مذمت ڪندي ۽ بيگناهه ماڻهن جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هن قسم جا حملا ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي ڪوششن کي روڪي نٿا سگهن ۽ نه ئي هن جنگ کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا بلاول ڀٽو زرداري فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ فوتين کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *