
اوچ شريف (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کي نااهل ۽ جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته سڀني سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پ پ دٻاءَ سبب جمهوريت تي سمجهوتو ڪري. اوچ شريف ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن کان هيءَ حڪومت آئي آهي، عوام جي جمهوري ۽ معاشي حقن تي حملا ٿيا آهن، هڪ سال کانپوءِ سڄو پاڪستان مڃي رهيو آهي ته اسان جو وزيراعظم عوامي نمائندو ناهي، اسان جو وزيراعظم چونڊيل نمائندو ناهي، اسان جو وزيراعظم ڪٺ پتلي ۽ سليڪٽڊ وزيراعظم آهي، اڄ قوم مڃي ورتو آهي ته نيب ۽ معيشت گڏ نٿي هلي سگهي، هاڻ ته وفاقي ڪابينا ۾ به اها ڳالهه ٿيندي آهي. هن چيو ته سڀني ڏٺو 2018 جي چونڊن ۾ ڪيئن ڌانڌلي ٿي، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ ووٽ چوري ڪيو ويو، رات جي اونداهي ۾ سڄي ملڪ جي پولنگ اسٽيشنز مان پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن کان هيءَ جعلي حڪومت آئي آهي، عوام جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پهرين ڏينهن کان انهن ميڊيا تي پابندي لڳائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري کي طبي سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پ پ عوام جي حقن تي سوديبازي ڪري، پ پ دٻاءَ سبب جمهوريت تي سمجهوتو ڪري پر اها انهن جي ڀُل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ضياءُ الحق ۽ مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو ۽ هن نااهل ۽ ڪٺ پتلي وزيراعظم جو به مقابلو ڪندي، اسان نه جهڪنداسين ۽ نه چُپ ويهنداسين، آخري ساهه تائين عوام جي مسئلن خلاف جدوجهد ڪندا رهنداسين، غريبن جي حقن جو تحفظ ڪندا رهنداسين ۽ آواز اٿاريندا رهنداسين.