جمعي کان گو نواز گو ٿيندو: عمران خان هڪ وڌيڪ اعلان ڪري ڇڏيو

بني گالا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاناما تحريڪ جي ڪاميابي سان نئين پاڪستان کي بنياد ميسر ٿي ۽ 21 سال اڳ ڪرپشن خلاف برپا ڪيل تحريڪ کي رب العزت سرفراز ڪيو. تحريڪ انصاف جي 21هين يوم تاسيس تي پارٽي چيئرمين عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته يوم تاسيس تي تحريڪ انصاف سان جڙيل اهل وطن کي مبارڪ پيش ڪيان ٿو، خدا وند جو فضل ۽ احسان آهي جو ان اسان کي صبر جي دولت عطا فرمائي، اها تاريخ حقيق ۾ ڪشمڪش جي داستان آهي.  هن وڌيڪ چيو ته صحيح معنيٰ ۾ اقبال ۽ قائد جو پاڪستان بڻجڻ تائين چين سان گڏ نه ويهنداسين. تحريڪ ۾ جان ۽ مال جون قربانيون پيش ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان.ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جمعي کان گو نواز گو ٿيندو، چيمپئن اهو هوندو آهي، جيڪو شڪست تي به هار ناهي مڃيندو، پشاور جي حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ خيبر پختونخواهه انڊر 23 گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان گيمز منعقد ڪرڻ تي خيبر پختونخواهه حڪومت ۽ راندين واري کاتي کي مبارڪون ڏنيون، سندس چوڻ هو ته يونس خان پهريون پاڪستاني آهي، جنهن 10 هزار رنز مڪمل ڪيون، جيڪڏهن مان اسپورٽس ۾ نه هجان ها ته اڄ هتي نه هجان ها، زندگيءَ ۾ ڪو شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، رانديون کٽڻ ۽ هارائڻ سيکارينديون آهن، ڪي پي ڪي ۾ راندين جا سئو ميدان تيار ڪيا پيا وڃن، حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ موجود ماڻهن تاڙيون وڄائي يونس خان کي خراج تحسين پيش ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *