جمرود: فورسز 6 شدت پسند ماري ڇڏيا

خيبر ايجنسي (م.ڊ) جمرود ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 شدت پسند مارجي ويا ميڊيا رپورٽ موجب خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود جي علائقي غنڊئي ۾ دهشتگردن هڪ چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪري 6 دهشتگرد ماري ڇڏيا واقعي کان پوءِ علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي سبب سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو جڏهن ته فورسز پاران ڪائي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *