جماعت الحرار ۽ لشڪر جهنگوي کي پابندي مڙهيل تنظيم قرار ڏيڻ جي سفارش

اسلام آباد  (اين اين آءِ) نيڪٽا گهرو وزارت کي جماعت الاحرار ۽ لشڪر جهنگوي العالمي کي پابندي مڙهيل تنطيم قرار ڏيڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، نيڪٽا پاران گهرو وزارت کي لکيل خط موجب اٿارٽي پاران جماعت الاحرار ۽ لشڪر جهنگوي کي پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وڃي ٿي، واضح رهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان کان جدا ٿيڻ کانپوءِ جماعت الاحرار آگسٽ 2014 ۾ اڀري اڳيان آئي هئي، دهشتگرد تنظيم پاڪستان ۾ سسيڪيورٽِي اهلڪارن، سرڪاري تنصيبات، سياستدانن، مذهبي اقليتن ۽ وڪيلن کي ڪيترائي حملا ڪيا، جماعت الاحرار هلندڙ سال 8 آڪٽومبر تي ڪوئيٽا ۾ وڪيلن تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي هئي جنهن ۾ 70 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، آگسٽ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جماعت الاحرار جو نالو دهشتگردن جي عالمي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *