جماعت اسلامي گورنر سنڌ عشرت العباد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي الزام هنيو آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهارين کي گورنر هائوس مان تحفظ ملندو آهي، شهر ۾ جاري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ پرڏيهي مداخلت بند ٿيڻ ضروري آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، شهر مان ڏوهن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي آپريشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان به مداخلت ٿي رهي آهي، آپريشن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻاهرين مداخلت کي روڪڻ ضروري آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سراج الحق چيو ته ڪراچي ۾ ڏوهارين کي گورنر هائوس مان تحفظ ملندو آهي، تنهن ڪري آپريشن جي ڪاميابي لاءِ گورنر کي هٽايو وڃي. جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته جڊيشل ڪميشن جي قيام تي اتفاق سٺو عمل آهي، حڪومت ڪميشن جي قيام ۾ دير جو مظاهرو ڪرڻ بدران فوري طور معاهدي تي عمل ڪري. سراج الحق جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران بيروزگاري ۽ مهانگائي خلاف وڙهڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *