جماعت اسلامي ڪرپشن ۽ وي آءِ پي ڪلچر خلاف مارچ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪرپشن ۽ وي آءِ پي ڪلچر خلاف مارچ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪنهن به اداري کي وڪرو ٿيڻ نه ڏنو ويندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته حڪومت ادارن کي ڪرپشن ذريعي ناڪام بڻائڻ بعد هاڻي وڪرو ڪري رهي آهي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته بيورو ڪريٽن ۽ سياستدانن جي ڪرپشن جا تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن، سنڌ حڪومت ڏوهارين کي ڇڏرائڻ لاءِ قانون ٺاهيو آهي..سراج الحق وڌيڪ چيو ته ڪرپشن ۽ وي آءِ پي ڪلچر خلاف مارچ ۾ تحريڪ هلائي ويندي، حڪومت قرض جو بار عوام جي ڪلهن تي رکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *