
اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي پاناماليڪس جي معاملي تي ڪراچي کان خيبر تائين ٽرين مارچ جو اعلان ڪيو آهي، سراج الحق جو چوڻ آهي ته پاناما ليڪس وارن لاءِ اڊيالا جيل ۾ جاءِ ئي کٽي ويندي، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي صدارت هيٺ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاناما پيپرز ۾ پاڪستان جي سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن جا نالا سامهون اچڻ واري معاملي تي هلندڙ مهيني جي اخري هفتي ۾ ڪراچي کان خيبر تائين ٽرين مارچ شروع ڪيو ويندو،ذريعن مطابق اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ٽرين مارچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻين سياسي پارٽين کي به شرڪت جي دعوت ڏني ويندي، جڏهن ته مارڇ دوران سڀني ننڍين وڏين اسٽيشنن تي عوامي ميڙاڪا ٿيندا، جن ۾ عوام کي متحرڪ ڪيو ويندو، ذريعن ٻڌايو ته ٽرين مارچ جماعت اسلامي جي ڪرپشن فري مهم جو حصو آهي، جنهن جي قيادت پارٽي سربراهه سراج الحق ڪندو، هوڏانهن اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاناماليڪس سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي ۽ ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر جيل ۾ هوندا، هن چيو ته پاناماليڪس وارن لاءِ اڊيالا جيل ۾ جاءِ کٽي ويندي، تنهن ڪري بلوچستان ۽ سنڌ جي جيلن کي رنگ روغن ڪري سينگاريو وڃي.