جماعت اسلامي پاران چونڊ سڌارن بابت بل خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان، هاڻ اهڙو نظام نه هلندو: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ): جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هو چونڊ سڌارن بابت بل خلاف عدالت ۾ ويندا، ملڪ ۾ فرد ۽ خاندان بدران قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته هو 5 آڪٽوبر تي آل پارٽيز گهرائي رهيا آهن، جنهن ۾ هو ايندڙ حڪمت عملي ٻڌائيندا، هن چيو ته چو واٽن تي فيصلا ٿيڻ لڳن ها ته عدالتن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوي ها، تنهن ڪري هو سمجهن ٿا ته هاڻ اهڙو نظام نه هلندو، سراج الحق چيو ته هو چاهين ٿا ته جمهوريت، روايتون ۽ ادارا محفوظ رهن، ملڪ اندر فرد ۽ خاندان بدران قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي، سندس چوڻ هو احتساب رڳو هڪ فرد جو نه پر سڀني جو ٿيڻ گهرجي، جن سبب ملڪ بحرانن ۾ آهي، سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت بدران آمريت هجڻ باوجود هو ڪرپشن خلاف ڪوشش ڪن پيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *