جماعت اسلامي نجڪاري خلاف مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق، حڪومت طرفان ادارن کي خانگائڻ خلاف فيبروري ۾ مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪرپشن سبب ادارن جو نظام پٽڙي تان لهي رهيو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته معاشي حالتن سبب پورهيت پريشان آهن. جماعت اسلامي چيو ته پاڪستان ان وقت تائين معاشي ترقي نه ٿو ڪري سگهي جيسيتائين پورهيت ترقي نه ٿو ڪري. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ملڪ ۾ روزگار ناهي ۽ جڏهن ماڻهن کي روزگار نه ملندو ته ڏوهن ۽ دهشتگردي ۾ به واڌ ٿيندي. سراج الحق فيبروري ۾ ادارن کي خانگائڻ خلاف مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته هــُو پي آءِ اي ۽ ريلوي کاتن کي خانگائڻ نه ڏيندا. سندس چوڻ هو ته ادارن جي ناڪامي ۾ سڀ کان وڏو هٿ حڪومت جو آهي ۽ ناقص سسٽم سبب ئي ادارا ناڪام ٿي رهيا آهن. سراج الحق چيو ته حڪومت ڪيترن ئي معاملن ۾ قانونن تي عملدرآمد نه ٿي ڪري جڏهن ته حالتن جي گهــُرج آهي ته قانون جو دائرو وڌايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *