جماعت اسلامي اين اي 122 ۽ پي پي 147 تي ننڍي چونڊ دوران تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (بيورو) جماعت اسلامي، اين اي هڪ سئو 22  لاهور ۽ پي پي 147 تي ننڍي چونڊ دوران تحريڪ انصاف جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته عوام نئون پاڪستان چاهي ٿو، 11 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ ئي ڪاميابي ماڻيندي.منصوره لاهور ۾ چوڌري سرور جي اڳواڻ ۾ تحريڪ انصاف جي وفد جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي لاهور جي امير ميان مقصود چيو ته پي ٽي آءِ سان مڪاني چونڊن دوران سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اختلاف هئا، جيڪي ختم ٿي چڪا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي، اين اي هڪ سئو 22 ۽ پي پي هڪ سئو 47 تي تحريڪ انصاف جي اميدوار جي حمايت ڪندي. ميان مقصود چيو ته حڪومت عوام کي هيٺين سطح تي اختيار منتقل نٿي ڪرڻ چاهي، جماعت اسلامي جو سمورو ڌيان مڪاني چونڊن تي کـُتل آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري سرور چيو ته 3 سال گذرڻ باوجود حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، عوام هاڻي نئون پاڪستان چاهي ٿو. چوڌري سرور چيو ته عوام ۽ ٻين سياسي پارٽين جي مدد سان اين اي هڪ سئو 22 ۽ پي پي هڪ سئو 47 تي ننڍي چونڊ ۾ تحريڪ انصاف ئي ڪاميابي ماڻيندي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت، ريلوي ۽ ٻين سرڪاري ملازمن تي ووٽ نه ڏيڻ تي نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اهڙو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *