جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم جهڙي سياست نه ڪري: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جهڙي سياست نه ڪري. جماعت اسلامي جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي سنڌ ۾ ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي جيئرو ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو نه بڻجي، مڪاني نظام تي اعتراضن جي آڙ ۾ عوام جي جذبن سان کيڏڻ خطرناڪ عمل آهي، پرامن سياسي احتجاج سڀني جو حق آهي پر احتجاج جي آڙ ۾ شهرين جي چرپر روڪڻ جو حق ڪنهن کي به حاصل ناهي.  هن چيو ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي گڏيل خواهش تي فوجي آمر جو نظام بحال نه ٿي سگهيو، سنڌ حڪومت 2013 جي مڪاني نظام کي بهتر ڪيو آهي، پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي جو اختيار مڪاني ڪائونسلز کي ڏنو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته پهريون ڀيرو معذور ماڻهن ۽ کدڙن فقيرن لاءِ مخصوص سيٽون رکيون ويون آهن، اولڊ ويسٽ جو چيئرمين ميئر کي بڻايو ويو آهي، واٽر بورڊ جو چيئرمين به ميئر هوندو، پوليس، صحت، تعليم سميت 10 صوبائي کاتن کي مڪاني نمائندن سامهون جوابده بڻايو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *